Amos 9:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ مون پروردگار کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادتگاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.