Amos 9:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.