Amos 9:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.