Amos 9:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! اوهين سوڊانين کي ڪمذات سمجھو ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اوهين ڪو انهن کان مٿي آهيو ڇا؟ جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، تيئن ئي مون فلستين کي ڪريت مان، ۽ ارامين کي قير مان نہ ڪڍي آندو آهي ڇا؟