Colossians 1:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھا دعا اسين انھيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوھين پنھنجي زندگي خداوند جي لائق گذاري سگھو، ھن کي ھر طرح خوش رکي سگھو ۽ ھر ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اها پرارٿنا اسين انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن اوهين پنهنجو جيون پرڀو يسوع جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.