Colossians 1:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ئي وشواسي منڊليءَ جو مٿو آهي جيڪا سندس شرير آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيوت ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ئي ڪليسيا جو مٿو آهي جيڪا سندس بدن آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيئرو ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.