Colossians 1:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جي اڳي کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيا هئا، ۽ پنهنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنهنجيءَ دل ۾ دشمن ٿي پيا هئا، تن کي بہ هاڻي پنهنجي جسماني بدن ۾، موت جي وسيلي آڻي ملايو اٿس، انهي لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، ۽ بي عيب، ۽ بي ڏوهہ بنائي، پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھاڻي ھن اوھان کي مسيح جي جسماني موت جي وسيلي پاڻ سان صحيح رابطي ۾ آندو آھي. انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي پاڪ، بيعيب ۽ بيڏوھہ بڻائي پنھنجي حضور ۾ حاضر ڪري،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هاڻي هن مسيح جي شريري موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پوِتر، بيعيب ۽ بيالزام بڻائي پنهنجي شرڻ ۾ حاضر ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هاڻي هن مسيح جي جسماني موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ ، بيعيب ۽ بيالزام بڻائي پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري.