Colossians 1:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.