Colossians 1:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جنهن جو آئون خادم مقرر ٿيس، خدا جي انهي انتظام موجب، جو اوهان جي واسطي مون کي ڏنو ويو؛ انهي لاءِ تہ آئون خدا جي ڪلام جي منادي پوري طرح ڪريان،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ خدا جي ڏنل اختياريءَ موجب ڪليسيا جو خادم ٿيو آھيان، تہ جيئن خدا جي ڪلام کي اوھان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور مون کي منڊليءَ جو سيوڪ مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت ايشور جو سنديش اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا مون کي ڪليسيا جو خادم مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت خدا جو پيغام اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.