Colossians 1:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ ايشور کي پرارٿنا ۽ هيءَ وينتي ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پوِتر آتما جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ بخشيندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ هي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پاڪ روح جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ عطا ڪندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.