Colossians 2:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنھن کيس مئلن مان جياريو تنھن جي قدرت تي ايمان رکڻ جي ڪري اوھين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ ايشور، جنهن کيس مئلن مان جيوت ڪيو، تنهن جي انهيءَ شڪتيءَ تي وشواس آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جيوت ڪري اٿاريا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنهن کيس مئلن مان جياريو، تنهن جي انهيءَ قدرت تي ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.