Colossians 2:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهن سڀني ڳالهين ۾، حقيقت ڪري، مرضيءَ موجب عبادت، ۽ نماڻائي ۽ بدن جي رياضت جي رستي، ڏاهپ جو رڳو ڏيک آهي، پر جسماني خواهش جي روڪڻ ۾ اهي ڪنهن بہ ڪم جون نہ آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون ڀڳتي، نِوڙت ۽ شرير کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ شريري خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون عبادت، نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ جسماني خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.