Colossians 2:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو وشواس ڏسي خوش ٿو ٿيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.