Colossians 3:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻطھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي ، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻطهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.