Colossians 3:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي غلامؤ! پنهنجي سنساري مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صافدليءَ سان ۽ پرميشور جو خوف رکندي سندن سيوا ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.