Colossians 3:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اوهين پنهنجين سنساري عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، اپوِترتائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتن جي پوجا جي برابر آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بت‌پرستيءَ جي برابر آهي.