Colossians 4:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يشوع جنھن کي يوستُس ڪري سڏيندا آھن، تنھن بہ اوھان کي سلام ڏنا آھن. يھودين مان رڳو ھي ٽي ماڻھو آھن، جن خدا جي بادشاھيءَ لاءِ مون سان گڏجي ڪم ڪيو آھي. اھي منھنجي گھڻي تسليءَ جو سبب پئي ٿيا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مسيح تي وشواس رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي ايشور جي راڄ جو پرچار پئي ڪيو آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي سلام چوي ٿو. مسيح تي ايمان رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ پئي ڪئي آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.