Colossians 4:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اسان جي لاءِ بہ دعا گهُرندا رهو، تہ خدا اسان لاءِ ڪلام جو دروازو کولي، تہ آئون مسيح جي انهي راز جو بيان ڪري سگهان، جنهن جي ڪري آئون قيد ۾ بہ آهيان؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو جو خدا اسان لاءِ پيغام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.