Colossians 4:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
منهنجو سارو احوال اوهان کي تخڪس کان معلوم ٿيندو، جو پيارو ڀاءُ، ۽ ايماندار خادم، ۽ خداوند ۾ اسان جو هم خدمت آهي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تُخِڪُس اوھان کي منھنجو سارو احوال ٻڌائيندو. ھو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ خداوند جو ھئڻ ڪري اسان جو ھم⁠خدمت آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو سيواداري ۽ اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي.