Daniel 10:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
فارس جي بادشاهہ خورس جي ٽئين سال ۾، داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر رکيو ويو هو، تنهن تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي؛ ۽ اُها ڳالهہ سچي هئي، يعني هڪڙي وڏي جنگ، ۽ هن اُها ڳالهہ سمجهي، ۽ انهي رويا جي پروڙ پيس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال عرف بيلطشضر تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي. اها ڳالهہ سچي تہ هئي پر اهڙي ڳجھي هئي جو سمجھہ ۾ نہ ٿي آئي، تنهنڪري رويا جي ذريعي اها هن ريت مون کي سمجھائي ويئي.