Daniel 10:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ پهرئين ئي ڏينهن، جڏهن تو پنهنجيءَ دل ۾ ارادو ڪيو تہ انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي سمجھہ حاصل ڪرين، جنهن لاءِ تو پنهنجي خدا جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي ڪري ئي موڪليو ويو آهيان.