Daniel 10:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ڇا ڏسان تہ آدمزاد جهڙي هڪڙي شخص اچي منهنجي چپن کي ڇهيو تہ آءٌ ڳالهائڻ جهڙو ٿيس ۽ جيڪو فرشتو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن سان ڳالهائيندي کيس چيم تہ ”اي منهنجا آقا! هن رويا جي ڏسڻ سبب ايتري تہ تڪليف ٿي اٿم جو ڄڻ تہ ويم جهڙن سورن اچي ورتو آهي ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي آهي.