Daniel 11:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
صلح ۽ سلامتيءَ جي وقت هو پرڳڻي جي تمام آباد جاين تي ايندو؛ ۽ هو اُهي ڪم ڪندو، جي هن جي ابن ڏاڏن يا پڙڏاڏن بہ نہ ڪيا هوندا؛ هو انهن ۾ لٽ ۽ ڦر جو مال ۽ ٻيو مال متاع ورهائيندو: هائو، ڪجهہ عرصي تائين هو مضبوط قلعن وٺڻ لاءِ پنهنجون رٿون رٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو پنهنجي ملڪ جي آس‌پاس وارن شاهوڪار علائقن تي اوچتو ئي اوچتو ڪاهہ ڪري ويندو ۽ اهو ڪجھہ ڪندو جيڪو هن جي ابن ڏاڏن مان ڪوبہ ڪري نہ سگھيو هوندو. هو پنهنجن ۾ لُٽ ڦُر جو مال ۽ ٻيو مال‌متاع ورهائيندو ۽ مضبوط قلعن جي خلاف رٿون رٿيندو. مگر اها ڳالهہ رڳو ٿوري عرصي تائين هلندي.