Daniel 2:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رملين بادشاهہ کي ورندي ڏيئي عرض ڪيو تہ ”روءِ‌زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو بادشاهہ کي اها ڳالهہ ٻڌائي سگھي. ڪنهن بہ بادشاهہ، پوءِ اهو ڪيڏو بہ وڏو ۽ طاقتور ڇو نہ هجي، تنهن اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر يا نجوميءَ يا رمليءَ کان ڪڏهن بہ ڪين پڇي آهي.