Daniel 2:34 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تو انهي کي پئي ڏٺو جيسين ڪ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ وڍجي نڪتو، ۽ اچي انهيءَ مورت جي پيرن کي لڳو، جي لوهہ ۽ مٽيءَ جا هئا، ۽ انهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن توهان انهيءَ کي ڏٺو پئي، تڏهن اوچتو هڪڙو وڏو پٿر انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ ٽڪر مان ٽٽي نڪتو ۽ انهيءَ مورتيءَ جي پيرن تي اچي ڪريو، جيڪي لوهہ ۽ ٺڪر جا هئا ۽ انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين.