Daniel 2:41 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جهڙيءَ طرح تو پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجهہ ڪنڀرن واريءَ مٽيءَ جون ۽ ڪجهہ لوهہ جون ڏٺيون، تيئن اُها بہ ورهايل بادشاهت ٿيندي؛ پر انهيءَ ۾ لوهہ جهڙو زور هوندو، جو تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جهڙيءَ طرح توهان ڏٺو تہ مورتيءَ جا پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجھہ ٺڪر جون ۽ ڪجھہ لوهہ جون هيون، تيئن اها بہ ورهايل شهنشاهت هوندي. تنهن هوندي بہ انهيءَ ۾ ڪجھہ لوهہ جهڙي مضبوطي هوندي، ڇو تہ ٺڪر سان لوهہ گڏيل هو.