Daniel 3:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي ڪي يهودي آهن يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، جن کي تو بابل جي ڪم ڪار تي مقرر ڪيو آهي، انهن اي بادشاهہ تنهنجي پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي: هو تنهنجن معبودن جي عبادت نٿا ڪن، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي، تنهن کي سجدو ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي اي بادشاهہ سلامت! ڪي يهودي ماڻهو آهن، جن کي توهان بابل صوبي جي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو آهي، يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، تن توهان جي حڪم جي ڪا پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي. هو توهان جي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪن، نہ ئي انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪا توهان کڙي ڪرائي بيهاري آهي.“