Daniel 3:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر حيران ٿي ويو ۽ تڪڙو ٿي اُٿيو: ۽ هن پنهنجن مشيرن کي چيو، تہ اسان ٽن ماڻهن کي ٻڌي باهہ جي وچ ۾ ڪين اُڇلايو هو ڇا؟ هنن ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ برابر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اوچتو بادشاهہ نبوڪدنضر حيرت وچان هڪدم ٽپو ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي مشيرن کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا اسان باهہ ۾ ٽن ماڻهن کي ٻڌي ڪين اڇلايو هو؟“ هنن کيس ورندي ڏيندي چيو تہ ”بيشڪ، اي بادشاهہ سلامت! ائين ئي ٿيو هو.“