Daniel 3:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان وقت سڀ والي، نواب، نائب ۽ بادشاهہ جا مشير اچي گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ هنن جي جسمن تي باهہ ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو. هنن جو ڪو وار بہ نہ سڙيو هو، نڪي سندن پوشاڪ کي ئي ڪو تئُہ آيو هو، نہ ئي وري انهن مان باهہ جي سڙڻ جي ڪا بوءِ ٿي آئي.