Daniel 3:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو تڏهن هيٺ نمي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪجو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن وقت اوهين شرناءِ، بانسري، سُرندي، سارنگيءَ ۽ دنبوري سان گڏ باقي ٻين قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر جي کڙي ڪيل سوني مورتيءَ کي سجدو ڪجو.