Daniel 3:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري جڏهن سڀني ماڻهن شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ۽ قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هيٺ جهڪي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن کي سجدو ڪرڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جڏهن انهن سازن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن سموريون قومون ۽ قبيلا، بلڪ سڀ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا بادشاهہ نبوڪدنضر جي کڙي ڪيل سوني مورتيءَ کي سجدو ڪرڻ لڳا.