Daniel 4:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.