Daniel 4:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو جيڪو نگهبان ۽ قدوس تو آسمان مان هيٺ لهندو ڏٺو، ۽ جنهن چيو تہ هي وڻ وڍي هيٺ ڪيراءِ، ۽ انهي کي ناس ڪري ڇڏ؛ پر انهي جي پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل ڀلي جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي، ۽ ڀلي تہ ماڪ سان آلو رهي، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو جهنگ جي جانورن سان هجي، جيسين ڪ ست زمانا انهي تي گذرن؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘