Daniel 4:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.