Daniel 4:32 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“