Daniel 4:33 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي ڪري اُها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي؛ ۽ هو ماڻهن مان ڪڍيو ويو، ۽ ڍڳن وانگي گاهہ کاڌائين، ۽ سندس بُت ماڪ سان پُسيو، ۽ اهڙو جو هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر وڌي ويا، ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن وانگي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ئي گھڙيءَ اها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي جو ماڻهن کيس انساني معاشري مان هڪالي ڪڍيو. پوءِ هو ڍڳن وانگر گاهہ چرندو رهيو ۽ هن جو بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندو رهيو. انهيءَ وقت دوران هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن جيان وڌي ويا.