Daniel 5:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هڪڙو تمام چڱو روح، ۽ علم، ۽ سمجهہ، ۽ خوابن جي تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل جملن جي معنيٰ سمجهائڻ، ۽ شڪن لاهڻ جو عقل انهي داني ايل ۾ معلوم ٿيو هو، جنهن کي بادشاهہ، بيلطشضر جو نالو ڏنو هو. هاڻي داني ايل کي گهرايو وڃي تہ هو انهي جو تعبير ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“