Daniel 5:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو بني آدم مان هڪاليو ويو، ۽ هن جي دل جانورن جهڙي ڪئي ويئي، ۽ هن جو رهڻ گورخرن سان ٿيو؛ ۽ هن کي ڏاندن وانگي گاهہ ٿي کارايائون، ۽ هن جو بدن ماڪ سان پُسيل ٿي رهيو: جيستائين ڪ هن سمجهيو تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.