Daniel 7:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن مون چيو تہ اهو چوٿون جانور جو هنن سڀني کان ٻي طرح جو آهي، ۽ نهايت هيبتناڪ آهي، ۽ لوهہ جا ڏند ۽ پتل جا نهن اٿس، تنهن جي حقيقت مون کي ٻڌايو؛ اهو جو ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڳڙڪائي وڃي ٿو، ۽ جيڪي باقي بچيس ٿو تنهن کي پيرن سان لتاڙي ٿو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن مون انهيءَ چوٿين جانور جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي خواهش ڪئي، جيڪو ٻين سڀني کان مختلف ۽ نهايت هيبتناڪ هو. انهيءَ جا ڏند لوهہ جا ۽ ننهن پتل جا هئا. اهو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ جيڪي باقي بچيس ٿي، تنهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين.