Daniel 8:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي.