Daniel 9:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.