Daniel 9:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.