Deuteronomy 1:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي وقت مون اوهانجن قاضين کي تاڪيد ڪري چيو، تہ اوهين پنهنجن ڀائرن جا مقدما ٻڌو، ۽ ڀاءُ جو ڀاءُ سان معاملو هجي، توڙي ڪنهن پرديسيءَ سان هجي، پر اوهين راستبازيءَ سان انصاف ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ وقت ئي مون اوهان جي ججن کي تاڪيد ڪندي چيو هو تہ ’اوهين پنهنجيءَ قوم جا مقدما ٻڌجو، پوءِ قوم واري جو معاملو پنهنجيءَ قوم واري سان هجي توڙي ڪنهن ڌارئي سان، پر اوهين انهن جو فيصلو انصاف سان ڪجو.