Deuteronomy 1:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘