Deuteronomy 1:41 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، اسين اڳتي وڃي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي فرمايو آهي، تنهن موجب جنگ ڪنداسين، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي، جبل تي چڙهڻ لاءِ اڳرو ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ’اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي تنهن موجب اڳتي وينداسين ۽ جنگ ڪنداسين.‘ پوءِ اوهان مان هر ڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي جابلو علائقي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو.