Deuteronomy 1:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آسپاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو.