Deuteronomy 10:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن بہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن کي پيارو ڄاتو ۽ ساڻن محبت ڪئي. انهن کان پوءِ سندن اولاد يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن منجھان چونڊي ڪڍيائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.