Deuteronomy 12:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.