Deuteronomy 16:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائجو، بلڪ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري ماني يعني ڏکن جي ماني کائيندا رهجو. ان جو سبب هي آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن ڏينهن کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ياد رکي سگھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مصر جي ملڪ مان تڙ تڪڙ ۾ نڪري آيا هئا.