Deuteronomy 17:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جيڪڏهن اوهان جون پاڻ ۾ خون، دعويٰ يا مار ڪُٽ جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو اوهان جي شهر اندر ٿيڻ اوهان جي لاءِ تمام ڏکيو هجي، تہ پوءِ اوهين اهو فيصلو انهيءَ عبادت واري جاءِ تي کڻي وڃجو، جا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو.